سائين جي ايم سيد ادبي لائبريري

سائين جي. ايم. سيد ادبي لائبريري: هيءَ لائبريري تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ جي ڳوٺ انڙآباد ۾ 1997ع ۾ قائم ڪئي وئي. لائبرريءَ جو روح روان نامور قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر آهي. هن لائبرري قائم ڪرڻ جو مقصد مقامي ماڻهن ۾ ادبي ۽ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ هو. هيءَ واحد لائبرري هئي، جنهن مقامي نوجوانن جي ذهني آبياري ڪئي آهي. هن لائبرريءَ لاءِ عبدالواحد آريسر پنهنجي ٻن ڪمرن واري اوطاق وقف ڪري ڇڏي. لائبرري قائم ڪرڻ کان اڳ سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ قلمڪارن کي لائبرريءَ لاءِ ڪتاب عطيي طور ڏيڻ لاءِ خط لکيا ويا هئا. انهن خطن جي موٽ ۾ سنڌ جي اهل علم اديبن: محمد ابراهيم جويي، راشد مورائي، اياز گل، ادل سومري، تاج جويي، پروفيسر عزيز پلي، نصير مرزا، اڪبر لغاري ۽ ٻين ڪتاب موڪلي ڏنا. هن لائبرريءَ جو افتتاح سنڌ جي نامور اديبن ۽ شاعرن راشد مورائي ۽ تاج جويي ڪيو هو. لائبرريءَ جا ضابطه اخلاق جوڙيا ويا. ميمبرن جي ماهوار في مقرر ڪئي وئي. مختلف موضوعن تي ليڪچر، ورڪشاپ ۽ سيمينار وغيره ٿيندا رهيا. هيءَ لائبرري 2009ع تائين قائم رهي، ان دوران هڪ ڀيري نامعلوم ماڻهو لائبرريءَ جون دريون ڀڃي، ڪتاب وغيره چوري ڪري ويا ۽ پوءِ آهستي آهستي لائبرري ختم ٿيڻ لڳي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو